اسلام آب??د – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته پاڪستان ۾ لوٽا ڪريسي جو خالق مريم صفدر جو والد محمد نواز شريف آهي، گلگت بلتستان جي عوام پاران پي ٽي آءِ جي پذيرائي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته گلگت بلتستان جو معرڪو پي ٽي آءِ هڻي چڪي آهي، ن ل??گ ۽ پيپلزپارٽي وارن کان جي بي جي عوام پڇي رهي آهي ته 10 سالن ۾ جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهيا اهو آئنده گلگت بلتستان لاءِ ڇا ڪندا، مريم ۽ بلاول جون پارٽيون گلگت بلتستان جي عوام جي نظر ۾ ڪري چڪيون آهن، شڪست ان??ن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر اڳواڻن جي گفتگو تي پنهنجي رد عمل ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو ته اڄ مريم صفدر جي گلگت بلتستان ۾ خطاب ۾ روايت موجب سندن ل??جو شڪست کاڌل ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ هو، هنن پنهنجي تقرير ۾ لوٽن ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ڪيو جيستائين ل??ٽن جو تعلق آهي ته کين ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سندس والد محمد نواز شريف لوٽا ڪريسي جو خالق آهي جن??ن جي پهرين فيڪٽري ڇانگامانگا تي لڳائي وئي، هن ??يو ته گلگت بلتستان ۾ گذريل 5 سال (ن) لگ جي حڪومت رهي، ناقص ڪارڪردگي تي خبر پئجي چڪي آهي ته شڪست توهان جو مقدر آهي.