اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت ملڪي صنعت جي سگهه ۾ اضافي جي ل??ءِ پاور رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم جي هدايتن تحت انرجي پرائيسز ۾ گهٽتائي ذريعي واپاري لاڳت گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عم??ان خان سان گڏ صنعت بابت توانائي رليف پئڪيج بابت بريفنگ دو??ان هن چيو ته ملڪ مثبت رخ ۾ گامزن آهي ۽ سيمنٽ، آٽو موبائيل، ٽيڪسٽائيل، ڀاڻ ۽ تعميراتي شعبي کي وڌيڪ ترقي جي ضرورتآهي.