اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي وڌندڙ آبادي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيڊرل پاپوليشن ٽاسڪ فورس تي زور ڏنو آهي ته اها ٽاسڪ فورس جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊا??ٽر ظفر مرزا سان م??اقات جي موقعي تي چئي، ان م??قعي تي ٽاسڪ فورس جي ٻن اڳوڻن اجلاسن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبادي ۾ اضافي جي سماجي ۽ معاشي اثرن جي حوالي سان عوام ۾ شعور پيدا ڪندي ان جي موجوده رفت??ر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.