اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. اجلاس کان اڳ بجيٽ سيشن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ??يڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس پڻ ??لب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن جي مشاورت سان بجيٽ کان اڳ ۽ بجيٽ کانپوءِ اجلاسن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏ??ي ويندي.