اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون ايس او پيز سان سياحت جو شعبو کوليندي??ن، اسان يورپ ۽ چين جهڙي لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ??ون جهڙي طرح جو لاڪ ڊائون چاهيو پئي اهڙو نه ٿيو، اسان جي ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ڪورونا وا??رس جي صورتحال جا اثر اسان جي معيشت تي پيا آهن، ??يڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو به گهٽ ٿيو آهي، سيڙپڪاري به رڪجي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا کي وڌيڪ وڌڻو آهي ۽ موت جي شرح ۾ به اضافو ٿيندو، ڪورونا وا??رس جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ويڪسين جي تياري تائين اسان کي ڪورونا وا??رس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ني??نل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي اجلاس ٿي رهيا آهن، ڪورونا جي پاڪستان ۾ موجودگي کانپوءِ فوري طور تي اين سي سي جو اجلاس طلب ڪيو، پاڪستان جون حالتون چين ۽ يورپ کان مختلف آهن، ??اڪستان ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.