اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان جاپان جي سفير ڪونينورو مٽسودا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن، ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال ۽ لا?? ڊائون جي حوا??ي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان جاپان سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جاپان آزمائش جي گهڙيءَ ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو.