اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سا?? پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس سا?? ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس سا?? گڏ ايشيا بابت ذيلي ڪميٽي جو چيئرمين ڪانگريس مين ايمي بيرا پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلسچپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سا?? پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سا?? خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي. پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ميسر موقعن کان آگاهه ڪندي آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. آمريڪي سيڙپڪار ڪمپنيون، پاڪستان جي تيزي سا?? وڌندڙ آءِ ٽي شعبي ۽ 200 ملين ماڻهن تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ مان فائدو کڻندي بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضر??رت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. هن چيو ته افغانستان ۾ تيزي سا?? اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششون ڪرڻ جي ضر??رت آهي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد کي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران ف??اه?? ڪيل معاونت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي پاڪستان ۾ منقعد ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سا?? تفصيلي مشاورت ڪئ?? وئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس ۽ ايمي بيرا پاڪستان جي دوري دوران پرخلوص مهمان نوازي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ڪابل مان آمريڪي ۽ ٻين شهرن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران ف??اه?? ڪيل ڀرپور معاونت تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس پاڪستان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضر??رت تي اتفاق ڪيو. آمريڪي ايوان نمائندگان جي وفد آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي مثبت ڪردار کي سا??اه??و. ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضر??رت تي اتفاق ڪيو.