GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميمبر 7 آگسٽ تائين پنهنجون ترميمون پيش ڪندا، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي سمورين اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ٿي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ترميمي بل 2023ع قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ رهيو ۽ اتفاق راءِ سان منظور ٿيو، اهو چوڻ درست ناهي ته هن بل جي تياري ۾ جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اهي ڪا معنيٰ نٿا رکن، سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولدرز سان بل تي ڊگهي مشاورت ٿي، بل جي ڪنهن به شق تي اعتراض آهي ته اوهان ترميم پيش ڪريو، پيمرا جو موجوده قانون پرويز مشرف جي دور جو ڪارو قانون آهي جيڪو اسان سڀني ڀوڳيو آهي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، 2002ع جي قانون تحت پيمرا جو چيئرمين ڪنهن به چينل کي بند، معطل يا لائسنس رد ڪري سگهي ٿو، هاڻي اهو اختيار ڪائونسل آف ڪمپلينٽ وٽ هوندو جنهن ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو، اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جا ميمبر 7 آگسٽ تائين پنهنجون ترميمون پيش ڪندا، ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ هي بل بحث هيٺ رهيو، ٻنهي اتفاق راءِ سان انهن جي منطوري ڏني، اهو چوڻ درست ناهي ته ان قانون تي جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اها ڪا معنيٰ نٿا رکن، هن قانونن تي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ٿي، سموريون لاڳاپيل ميڊيا تنظيمون هن بل ۾ شامل رهيون، هن چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، هن بل تحت ميڊيا هائوسز ٻن مهينن اندر سموريون بقايائون ادا ڪرڻ جون پابند هونديون، خلاف ورزي ڪندڙ ميڊيا هائوسز کي هڪ ڪروڙ روپين تائين ڏنڊ ٿي سگهندو جڏهن ته پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پيمرا چيئرمين جي سليڪشن جي باري ۾ به مڪمل طريقيڪار ڏنو ويو آهي، وفاقي وزير چيو ته نيوز پيپر ملازمن لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، هن پليٽ فارم ذريعي اسان ميڊيا مالڪن کان 14 ڪروڙ روپيا رڪوري ڪري نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز لاءِ اهڙو ڪو به پليٽ فارم موجود نه هو، کين ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت جو حق ڏنو ويو آهي، هن چيو ته هن بل تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته ميڊيا هائوس ٻن مهينن اندر پنهنجي ملازمن جون سموريون بقايائون ڪليئر ڪندا، هن چيو ته اهو درست ناهي ته هائوسز کي پگهارن جي ادائيگي ٻن مهينن ۾ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ٻن مهينن جي شرط سمورين بقايائن جي ادائيگي جي باري ۾ آهي. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن کي حڪومتي بزنس سان جوڙيو ويو آهي جيڪڏهن ڪو ميڊيا هائوس ٻن مهينن ۾ سموريون بقايائون ڪليئر نٿو ڪري ته ان جا اشتهار جاري نه ڪيا ويندا ۽ خلاف ورزي تي انهن تي هڪ ڪروڙ روپين تائين جو ڏنڊ به لڳي سگهندو، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي اپيل ۽ درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو آهي، ڪميٽي جي ميمبر عرفان صديقي پڇاڻو ڪيو ته ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ڪهڙي طرح يقيني بڻائي ويندي؟ هن چيو ته ميڊيا هائوسز کي پابند ڪيو وڃي ته هو هر مهيني پگهارن جي ادائيگي بابت پنهنجي اسٽيٽمنٽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ جمع ڪرائين، جنهن تي وفاقي وزير چيو ته حڪومتي بزنس کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي سان ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن ميڊيا هائوسز پگهارون ادا نه ڪندا ته کين اشتهار جاري نه ڪيا ويندا، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت ڪندڙ جو تعلق جنهن شهر سان هوندو ان شهر جي ڪورٽ مان اسٽي ورتو ويندو، شڪايت ڪندڙ جي درخواست خلاف ڪنهن ٻي جي شهر جي ڪورٽ مان اسٽي نه ورتو ويندو، هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع پرويز مشرف دور جو ڪارو قانون آهي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ جلد بازي يا تڪڙ کان ڪم نه ورتو ويو، هن بل جي تياري تي ڊگهي مشاورت ٿي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ ورتو ويو. هن چيو ته پيمرا جو موجوده قانون صرف هڪ ماڻهو کي اختيار ڏي ٿو ته هو جيڪو چاهي ڪري، هي هڪ اهڙو ڊريڪونين قانون آهي جيڪو اسان ۽ اوهان ڀوڳيو آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صحافين جي اعتراضن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان هڪ موقف ٻڌو، اوهان ٻڌايو ته هن بل ۾ ڪهڙيون غلطيون آهن، اوهان ترميمون پيش ڪريو، پيمرا (ترميمي) بل 20 ڏينهن تائين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو آهي، ان تي قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث ٿيو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽ، پيمرا چيئرمين جي مقرري ۽ ٻن مهينن جي پگهارن جي ادائيگي بابت اعتراض آهن ته اهي ختم ڪري سگهجن ٿا، اجلا س ۾ ڪميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي اعتراض ڪندڙن پنهنجون ترميمون پيش نه ڪيو، ٿيڻ ته ائين ته گهرجي ها ته اهي پنهنجون ترميمون پيش ڪن ٿا، ان موقعي تي ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد چيو ته بل تي ٻنهي ڌرين جو موقف وٺڻ ضروري هو جيڪڏهن تقابلي نوٽس ملن ها ته ان جو جائزو ورتو وڃي ها، هي هڪ سنجيده ۽ اهم آهي، سينيٽ ۾ به ان تي بحث ڪيو ويندو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 آگسٽ تائين ڪميٽي جا ميمبر پيمرا بل تي پنهنجون ترميمون پيش ڪندا.

مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ