GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي نالو بدلائي زرداريه پارٽي ۽ شريفيه پارٽي رکڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين

image
APP62-060122 ISLAMABAD: January 06 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain talking to media. APP

اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي پنهنجي پارٽين جو نالو بدلائي زرداريه پارٽي ۽ شريفيه پارٽي رکڻ گهرجي، مريم نواز پنهنجي آڊيو ليڪ کي اصلي تسليم ڪري ورتو آهي، ان ۾ ٿوري به شرم هجي ها ته هو معافي گهري ها، صحافتي تنظيمن جو پرويز رشيد ۽ مريم نواز کان معافي جو مطالبو بلڪل درست آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کانسواءِ صوبن ۾ پنهنجي ايگزيڪيٽو ۽ ايڊوائيزري بورڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪائونسلون سنڌ کانسواءِ وچ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڌار ڌار جوڙيون ويون آهن. ايڊوائيزري بورڊ جوڙيا ويا آهن، فرخ حبيب کي پارٽي جو نئون مرڪزي اطلاعات وارو سيڪريٽري ۽ سراج خان کي پارٽي جو مرڪزي فنانس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. سراج خان پهرين به سيڪريٽري فنانس رهجي چڪو آهي ۽ هن پارٽي فنڊنگ کي شفاف انداز ۾ منظم ڪرڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ تحريڪ انصاف شفاف فنڊنگ جو نظام ڏنو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي پارٽي جي نئين تنظيمي سيٽ اپ جي حوالي سان صوبائي صدرن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم پارٽي کي بلدياتي چونڊن جون تياريون ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان مسلم ليگ نواز (پي ايم ايل اين) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ( پ پ پ) کان (انتخابي) ضابطه اخلاق ۾ ترميم آڻڻ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ رابطا ڪري رهيا آهيون، اسيمبلي ميمبرن کي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي ڇو ته سياسي مانهن کي انهن جي تڪن ۾ چونڊ مهم هلائڻ تي نوٽيس جاري ڪرڻ کل جوڳو آهي.

وفاقي وزير چيو ته 40 هزار کان وڌيڪ ڊونرز تحريڪ انصاف فنڊنگ سسٽم جو حصو آهن انهن جا ٿورائتا آهيون جنهن جي ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ مضبوط پارٽي بڻجي اڀري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ به تحريڪ انصاف شفاف انداز ۾ فنڊنگ جو رڪارڊ پيش ڪيو ۽ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جهڙي طرح سرخرو ٿي اهو تاريخ جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ خاندان شريفيه ۽ زرداريه جي سپوٽن پريس ڪانفرنسز ڪيون، منهنجي خيال ۾ ٻنهي پارٽين کي هاڻي پنهنجو نالو بدلائي شريفيه پارٽي ۽ زرداريه پارٽي رکڻ گهرجي. هن چيو ته ٻئي پارٽيون ٻارن جي ذريعي پريس ڪانفرنسز ڪرائي رهيون آهن جيڪي عمر ۾ نه پر سياسي شعور ۾ ٻار آهن ۽ انهن ٻارن کي وقت سان گڏوگڏ خبر پوندي ته سياست ڪئين ڪئي ويندي آهي، وفاقي وزير چيو ته اسان کي انتظار آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي فنڊنگ جو رڪارڊ به جلد سامهون آندو وڃي ته جيئن ماڻهن کي خبر پئجي سگهي ته ڪٿان ڪٿان کان فنڊنگ ورتي وئي ۽ ڪهڙي طرح لڪائي وئي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڀون داس ڪهڙي طرح 3 ڪروڙ فنڊنگ ڪئي ۽ حنيف خان ڪيئن ساڍا 4 ارب روپيا فنڊنگ ڪئي ۽ ڪهڙي طرح نواز شريف انهن کي پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو.

هن چيو ته نواز شريف 17 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود لنڊن ۾ پنهنجو علاج مڪمل نه ڪرائي سگهيو، مريم نواز اڄ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي آڊيو ليڪ کي اصلي تسليم ڪري ورتو آهي، ان ۾ ٿورو به شرم هجي ها ته هو اڄ معافي گهري وٺي ها، پرويز رشيد سينئر سياستدان آهي ان طرفان معافي نامو اچي وڃي ته ڪو به حرج نه آهي، هن چيو ته بلدياتي چونڊن جي ضابطه اخلاق ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ن ليگ ۽ پ پ پ سان رابطو ڪري رهيا آهيون، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به شفاف بلدياتي چونڊون ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون. قانونسازي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت سمورا معاشي اشارا مثبت آهن، ڪورونا جي باوجود اسان معاشي ترقي ڏسي رهيا آهيون، مهانگائي جي خاتمي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي جي چيلهه ٽٽي ويندي ۽ معاشي استحڪام ايندو. حڪومت سياسي ۽ معاشي طور تي مستحڪم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحافتي تنظيمن جو مريم نواز ۽ پرويز رشيد کان معافي گهرڻ جو مطالبو بلڪل درست آهي، وفاقي وزير چيو ته سڌارن تي مخالف ڌر سان هر وقت کلي دل سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ميڊيا ۾ 24 ڪلاڪ ادارن تي بحث ڪرڻ غير صحتمند رجحان آهي، هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل پاڪستان جي آئين سان لاڳاپيل آهي.

مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ