GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس ۾ سموري رقم قانون موجب آئي آهي: فرخ حبيب

image

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس ۾ سموري رقم قانون موجب آئي آهي، ائين ڪٿي ثابت ناهي ٿيو ته اسان ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني يا ملڪي مفاد جي خلاف هلندڙ اداري کان ڪي فنڊز ورتا هجن، اسان وٽ اندرون ملڪ مان جمع ٿيندڙ 83 ڪروڙ جو به رڪارڊ موجود آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي چئلينج آهي ته اها اندرون ملڪ پارٽي کي فنڊ ڏيندڙ 4 ماڻهن جو رڪارڊ پيش ڪري، شاهد خاقان عباسي قوم کي گمراهه ڪرڻ کان پاسو ڪري، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ايس ايس اي ۽ يو ڪي ۾ لميٽيڊ ڪمپني طور رجسٽرڊ آهن، فضل الرحمان به تگڙو ٿي وڃي ليبيا ۽ ٻين ملڪن مان ورتل فنڊنگ جو حساب ڏيڻو پوندو، اڪبر ايس بابر جي الزامن کي اسڪروٽني ڪميٽي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، (ن) ليگ جي سڄي زندگي ڊيلن تي رهي، ڪي نائيٽ ۽ ڪي آفٽر نون ڊيل ڳولي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ ڌرين جي حوالي ڪئي، ان رپورٽ تي اهي ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن جن جي پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جي خبر نه آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي اڪائونٽس ۾ 35 ڪروڙ جو ڪو رڪارڊ ئي نه آهي، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا. (ن) ليگ 9 اڪائونٽس کي اليڪشن ڪميشن کان لڪايو، انهن جي اڪائونٽس جي اندر 62 ڪروڙ جي رقم اچي ٿي، ان مان 45 ڪروڙ جي عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي، جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته چون ٿا ته ميان صاحب کي هلندي هلندي ڪنهن 5 ڪروڙ ڏنا، گوجرانوالا جي هڪ شخص هڪ ڪروڙ ڏنا جيڪو الله کي پيارو ٿي ويو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ايڇ بي ايل سينٽرل، اي بي ايل سينٽرل، 5 صوبائي اڪائونٽس لڪايا آهن، انهن اڪائونٽس جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ اڄ تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع نه ڪرائي، پي ٽي آءِ جي فارن فنڊز تي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ پنهنجي اڪائونٽس جو حساب ڏين، بينظير ڀٽو چيو ته اسامه بن لادن کان نواز شريف منهنجي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ پئسا ورتا. هن چيو ته اڪبر ايس بابر پي ايم ايل اين جي ايزي لوڊ تي آهي، (ن) ليگ جي انگريزي ڪمزور آهي رپورٽ پڙهڻ کانسواءِ تبصرا ڪن ٿا، پاناما جي آءِ ٽي تي به مٺائي کائي ڇڏي بعد ۾ ڪجهه ٻيو نڪتو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته يو ايس اي جي اندر پي ايم ايل اين لميٽيڊ ڪمپني طور رجسٽرڊ آهي جنهن جو رجسٽريشن نمبر 6521، پي ايم ايل اين يو ڪي ۾ لميٽيڊ ڪمپني آهي جنهن جو رجسٽريشن نمبر 9781563 آهي، انهن جي لميٽيڊ ڪمپني بيضا، ٽوال ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري سگهي ٿي، پيپلزپارٽي به يو ڪي ۾ ڪمپني طور رجسٽرڊ آهي، مارڪ سهگل کي به لابنگ جي لاءِ رکيو ويو آهي، زرداري ڪمپني جو سربراهه آهي، (ن) ليگ وارن جي ڄاڻ ۾ اضافي جي لاءِ ٻڌائيندو هلان ته نائن اليون کانپوءِ آمريڪا قانون سخت ڪيو هو، جيڪڏهن 30 ڊالر کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻو آهي ته اتي رجسٽرڊ ٿيڻو پوي ٿو، پاڪستان تحريڪ انصاف پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي آهي. هن چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ صفحي نمبر 78 ۾ اڪبر ايس بابر هڪ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن جي مٿان آڊٽ رپورٽ جو چيو ويو آهي ان کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جي صفحي 81 جي آخري پيرا ۾ لکيل آهي ته درخواستگذار تصديق ٿيل شيون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، احسن ايس احسن رپورٽ به نه مڃي وئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 31 ڪروڙ جي جنهن رقم جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ان جي وضاحت آهي ته ٻه ڀيرا انٽري ٿي آهي، پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڪائونٽس اهڙا آهن جنهن ۾ ڪا ٽرانزيڪشن ناهي ٿي ۽ بيلنس به ٻُڙي آهي، پي ٽي آءِ 83 ڪروڙ اندرون ملڪ مان فنڊ جمع ڪيو، اسان وٽ ان جو به رڪارڊ آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي چئلينج آهي ته اهي اندرون ملڪ فنڊز ڏيندڙ چئن ماڻهن جو رڪارڊ نه ٿا ڏئي سگهن، عمران خان دلبير ليڊر، پي ٽي آءِ شفافيت تي يقين رکي ٿي، اسان پاناما وانگر نه چيو ته ججز اسان جي خلاف ٿي ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڀرپور دفاع ڪندي ۽ حقيقتون پيش ڪندي، پي ٽي آءِ جا سمورا فنڊز قانون موجب پاڪستان آيا آهن، اسان جي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي ٽاپ ٽين ريٽنگ آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ميدان ۾ اچي ۽ اسڪروٽني ڪميٽي آڏو پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪري ۽ ان کان فيصلو وٺي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپولزپارٽي جي اڪائونٽس جون رپورٽون اسڪروٽني ڪميٽي مڪمل ڪري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري. هن چيو ته فضل الرحمان مڃي ورتو هن پاڻ، زرداري ۽ نواز شريف ڪرپشن ڪئي آهي، هاڻي فضل الرحمان به هوشيار ٿي وڃي ليبيا مان جيڪا فنڊنگ ورتي آهي ان جو به جواب ڏيڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم