اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان قوم کي آز??دي جي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائداعظم جي پاڪستان جي طرف اسان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، هي اهڙو پاڪستان هوندو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هوندا، قانوني سڀني جي لاءِ هوندو ۽ پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته قوم کي ان ڳالهه تي به مبارڪباد ڏيان ٿو ته ماضي جي حڪومتن کان توانائي جو شعبو جيڪو اسان کي تباهه ٿيل مليو ان ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته ڊگهين ڳالهين کانپوءِ اسان آءِ پي پيز سان هڪ نئون معاهدو ڪيو آ??ي جنهن سان بجلي جي قيمت به گهٽ ٿيندي ۽ گردشي قرضن جو مسئلو به حل ٿيندو، هن چيو ته اسان جو ايندڙ هدف بجلي جي ورڇ جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي، وز??راعظم ڪشمير ۾ ڀينرن، ڀائرن جي نالي پيغام ۾ چيو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڀارت جي غير قانوني قبض?? ۽ ??الماڻي قدمن جي خلاف اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح سان حمايت جاري رکنداسين.