اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر پاران نيب قان??نن ۾ تجويز ڪيل ترميمون تحريڪ انصاف جي منشور جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪيو آهي ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخالف ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قان??نن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي مخالف ڌر چاهي ٿي ته 10 ڪلاڪن ۾ ترميمون ٿين، مخالف ڌر نيب قان??نن ۾ ترميمون ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏسي، مخالف ڌر کي اپيل آهي ته پاڪستان کي گري ??سٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخالف ڌر جون ترميمون جيڪڏه?? مڃيون وڃن ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخالف ڌر عمران خان يا حڪومت نه پاڪستان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گري ??سٽ ۾ اچي ويو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري ??سٽ ۾ اچي ويو. گذريل حڪومتن ??ي ڪوتاهين ??ي ڪري ملڪ گري ??سٽ ۾ ويو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ ??سٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. پاڪستان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، پاڪستان تي سخت ترين پابنديون لڳايون وڃن. پاڪستان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.