لاهور – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪن جي پٺيان پاڪستان جي مل??ث هجڻ جي ڀارتي پروپئگنڊا پوري د??يا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪي آهي، جڏهن به ڀارت پاڪستان تي جنگ مڙهي اسان امن جو پيغام ڏنو، ڪشمير جي آزادي اتان جي عوام جي امنگن جي تحريڪ آهي، پاڪستان پوري د??يا کي پيغام ڏنو ته اسان امن پسند قوم آهيون، جهڙي طرح اسان 51 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏني ان جو مثال به پوري د??يا آڏو ظاهر آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ لاءِ عالمي سطح تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هو نظريه پاڪستان ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ 12هين سالياني ٽن ڏينهن واري نظريه پاڪستان ڪانفرنس جي افتتاحي تقري?? کي خطاب ڪري رهيو هو.