اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو ته 40 سالن کان افغان عوام مسئلن جو شڪار آهي، 40 سالن کان پاڪستان افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجا دروازا کل??ا رکيا آهن، پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن جي باوجود افغان پناهگيرن لاءِ سدائين مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغان مسئلي جو سمورو حل ??فغان قيادت جي مشاورت ۾ ئي لڪل آهي، افغانستان ۾ امن جي ذريعي ??کين انسانن جون زندگيون تبديل ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي به مثبت اثر پ??ندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾40 سالن کان رهندڙ افغان پناهگيرن جي حوا??ي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.