GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڪورونا جي باوجود وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي مثالي قدمن جي ڪري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي: فرخ حبيب

image
APP47-220122 FAISALABAD: January 22 - State Minister for Information & Broadcasting Farrukh Habib is talking to media persons during book launching ceremony at Jinnah Hall of District Council. APP photo by Tasawar Abbas

فيصل آباد – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا جي باوجود وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جي مثالي قدمن جي ڪري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل سميت انهن جا ٻيا اڳواڻ به ميڊيا تي اچي اسان جي واڌويجهه جي شرح کي قبول ڪري رهيا آهن ڇو ته اسان جي واڌويجهه جي شرح سسٽينل ايبل گروٿ ۽ ٺوس ۽ مستقل بنيادن تي هئي، اسان (ن) ليگ جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وانگر نه ته ڪريڊٽ ڪارڊ گروٿ جي ذريعي جعلي انگن اکرن جو سهارو ورتو ۽ نه ئي پئسا ڏئي هڪ طرفي ۽ حقيقتن جي ابتڙ سروي شايع ڪرايا، ٻئي طرف (ن) ليگ جا 4 ماڻهو نواز شريف کي هٽائي پاڻ قيادت سنڀالڻ چاهين ٿا ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن بابت ابهام پيدا ڪري رهيا آهن تنهن ڪري سڀئي سمجهي ڇڏين ته پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون جلد ٿينديون ان لاءِ جمهوري ماڻهو تياري ڪن. ٽپهر جناح هال ضلعي ڪائونسل فيصل آباد ۾ ناليواري سفر نگار، ليکڪ ۽ محقق نديم رضوي جي ٻئي دلچسپي سفرنامي تي ٻڌل ڪتاب مانچسٽر کان مانچسٽر تائين جي مهورتي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي ڪري دنيا جون معيشتون سڪڙڻ شروع ٿي ويون پر ان جي ابتڙ اسان ڪورونا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي جنهن سان جتي هڪ طرف صنعتن کي بند ٿيڻ نه ڏنو ويو، اتي ٻئي طرف ايس او پيز تحت ڪاروبار به کليل رهيو. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ڀارت ۽ برطانيا سميت ڪيترن ئي ترقي يافته پر ترقي پذير ملڪن جي گروٿ منفي ۾ هلي وئي، دنيا جي ڪرنسي ڊي ويليو ٿي وئي، عالمي سطح تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳايو ويو جنهن جي ڪري معيشت تي وڏو پريشر آيو پر ان جي ابتڙ پاڪستان انتهائي دانشمندي جو مظاهرو ڪيو جنهن جي ڪري ڊبليو ايڇ او ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم، يو اين او ۽ ٻين عالمي ادارن سميت دنيا جي موثر ترين رسالي اڪانومسٽ ٻڌايو ته جنوري 2021ع کان جنوري 2022ع جي عرصي ۾ پاڪستان پنهنجي بهترين پاليسين جي ڪري نارملائيزيشن ۾ 50 ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي رهيو. هن چيو ته اسان انڊسٽري بند ٿيڻ نه ڏني، نه ئي لاڪ ڊائون هنيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪري پاڪستان ۾ ڪورونا جي اثرن کي هينڊل ڪيو. هن چيو ته هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر شهرين جي ڪوتاهي ۽ ايس او پيز کي نظرانداز ڪرڻ سان ڪورونا جي ڪيسز ۾ تيزي اچي رهي آهي تنهن ڪري اسان کي گذريل سال وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر دانشمندي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته اڪانومي ري بيس ۾ به اها شرح ساڍا 5 سيڪڙو رهي جنهن سان گڏوگڏ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ اضافو ٿيو، آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جو روانگي واپار وڌيو، معيشت کي اسپيڊي گيئر لڳو ۽ ٽيڪس وصولي ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، اهڙي طرح نئين انڊسٽري ۽ ڪاروبارن جي لاءِ 1000 ارب رپين کان وڌيڪ جا لون جاري ٿيا جن سان نيون صنعتون لڳيون ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ملڪي معيشت اسان کي ڊيفالٽ ۾ ملي هئي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا نه هجڻ جي برابر هئا ۽ ملڪ قرضن ۾ جڪڙيل هو پر اسان جي حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ بهترين فيصلن سان صورتحال تبديل ڪري ڇڏي. هن چيو ته حڪومت ڪورونا وبا جي دوران انرجي پئڪيج ڏنا جن مان ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ تاريخي گروٿ ٿي ۽ فيصل آباد جيڪو اڳ ۾ ٽيڪسٽائيل مشينري جو قبرستان بڻيل هو ان ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي. هن چيو ته حڪومت تي بنا جواز تنقيد ڪري مايوسيون پکيڙيندڙ مخالف ڌر پنهنجي دور ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو عرق ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي چون ٿا ته اسان هڪ رپئي جي ڪرپشن ناهي ڪئي، هو ٻڌائين ته اهو مسرور انور ڪير آهي جنهن جي ذريعي شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ سڌوسنئون ڪروڙين اربين رپيا اچي وڃي رهيا آهن، انهن جي جن ملازمن جي اڪائونٽس مان مني لانڊرنگ جا اربين رپيا نڪري رهيا آهن اهي ماڻهو ڪير آهن ۽ 20، 30 هزار پگهار وارن انهن ماڻهن جي جعلي ۽ فرضي اڪائونٽس مان اربين جي مني لانڊرنگ ڪيئن ٿي رهي آهي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي نواز شريف ۽ شهباز شريف کي آئين بائين شائين ڪرڻ بدران جواب ڏيڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا