اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا افغان عوام جي مشڪلاتن جو احساس ڪري، افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ جي ضرورت آهي، ڀارت بندوق جي زور، طاقت جي استعمال ۽ ظلم جي ذريعي ڪشميرن کي نٿو دٻائي سگهي، آر ايس ايس جي هوندي ڀارت کي ڪنهن ٻاهرين دشمن جي ضرورت نه آهي، پهرين به سرد جنگ سان دنيا کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، پاڪستان هاڻي ڪنهن بلاڪ جو حصو نه بڻجندو، دنيا ۾ واپاري مفاد موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل قدمن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، اسان کي تحقيق جي فروغ ۽ ٿنڪ تينڪس جي ذريعي اهڙو متفقه بيانيو سامهون آڻڻو پوندو جيڪو اسان جي قوم جي ترجماني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز ۾ ”هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا“ جي موضوع تي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم خطي خاص طور تي افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان جي صورتحال جي اسان کي تمام گهڻو فڪر آهي، اتي خانه جنگي جو خدشو هو، سويت جنگ ۾ 2 لک افعان شهري مارجي ويا، پاڪستان کي به پناهگيرن جو بار برداشت ڪرڻو پيو هو، افغانستان ۾ هن ڀيري تباهي جو خدشو هو پر خوش قسمتي آهي ته ايئن نه ٿيو. افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻو پوندو. افغانستان جا اثاثا منجمند آهن، ان جو بئنڪاري نظام مفلوج ٿي چڪو آهي، ان جا اثر افغان عوام تي پوندا،
هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو ايندڙ هفتي اجلاس ٿي رهيو آهي، پاڪستان پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته دنيا کي ٻڌائي ته هو طالبان کي پسند ڪري يا نه ڪري، 4 ڪروڙ افغان عوام جو احساس ڪري ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي ئي حالتون رهيون ته انهن تي ڇا گذرندو. آمريڪا کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته افغانستان جا اثاثا منجمند ڪرڻ ۽ ان جي معيشت جي گهٽجڻ سان انساني بحران پيدا ٿيو ته ان جو نقصان سڀني کي ٿيندو ۽ پاڪستان سڀن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو. ايران ۾ به هن وقت پناهگيرن جو وڏو مسئلو آهي، يورپ کي به پناهگيرن جي ڪري مسئلا درپيش آهن، افغانستان جي عوام 40 سالن کان هر قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان انهن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. افغانستان ۾ امن اسان جي مستقبل لاءِ تمام اهم آهي، وچ ايشيائي ملڪن سان اسان جو رابطو آهي ۽ وچ ايشيا جا سمورا ملڪ گوادر جي رستي واپار کي فروغ ڏيڻ چاهين ٿا، ان سلسلي ۾ اسان جا معاهدا ٿي چڪا آهن، پاڻ ۾ گڏيل رابطي جي لاءِ افغانستان ۾ امن جي سخت ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي، ان مان اسان فائدو کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته هن وقت حالتون سرد جنگ طرف وڃي رهيون آهن ۽ بلاڪس بڻجي رهيا آهن. پاڪستان کي اهي بلاڪس بڻجڻ کان روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي ڪنهن بلاڪ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي. پهرين به سرد جنگ سان دنيا کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، پاڪستان نٿو چاهي ته اسان گذريل ڀيري وانگر هن ڀيري به سرد جنگ جو شڪار ٿيون. ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تڪرار جي حل لاءِ به پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنهن کي ٻنهي ملڪن ساراهيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سرد جنگ جي حوالي سان فاصلا وڌي رهيا آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته انهن وڌندڙ ويڇن کي گهٽ ڪريون، واپار ۾ مقابلو دنيا ۾ سدائين رهيو آهي پر اسان چاهيون ٿا ته حالتون ان طرف نه وڃن جهڙي طرح سوويت يونين، آمريڪا ۽ اولهندي ملڪن جي وچ ۾ رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪشمير آهي جنهن تي اسان ڀارت سان ڳالهه ٻولهه جي پوري ڪوشش ڪئي، نريندر مودي کي ٽيلي فون به ڪيو پر هو پاڪستان طرفان امن جي خواهش کي ڪمزوري سمجهڻ لڳو. وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ آر ايس ايس جو نظريو رکندڙ حڪومت آهي ۽ هڪ نظريي سان اسان جو مقابلو آهي ان لاءِ مشڪل آهي ته هو اسان سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري. جيڪو ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي اهو ڪشمير ئي نه پر ڀارت جي عوام لاءِ به برو ٿي رهيو آهي ۽ اهو هندستان جي ماڻهن جي به بدقسمتي آهي. ڀارت ۾ 50 کان 60 ڪروڙ ماڻهن کي ٻئي درجي جو شهري سمجهيو پيو وڃي، انساني تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ڪٿي ايتري وڏي آبادي کي ٻي درجي جو شهري سمجهيوو ڃي، ان جا ڀارت جي معاشري جي لاءِ سنگين اثر پوندا، ڀارت ۾ آر ايس ايس جو نظريو پائيدار نه آهي، آر ايس ايس جي هوندي ڀارت کي ڪنهن ٻاهرين دشمن جي ضرورت نه آهي، آر ايس ايس ڀارت جي ورڇ جو نظريو ڏنو آهي،
وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، 2013ع ۾ خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو ويو،هماليا جا گليشيئرز قراقرم جي گليشيئرز کان وڌيڪ تيزي سان پگهرجي رهيا آهن، ماضي ۾ پاڪستان ۾ ان مسئلي کي سنجيدگي سان ناهي ورتو ويو. پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، ڀارت به ان کان شديد متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي گڏجي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي اڳواڻن ۾ سنجيدگي نظر نه اچي رهي آهي، دنيا ۾ واپاري مفاد موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل قدمن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. پاڪستان جي ماحول لاءِ مضر گئسن جي اخراج ۾ حصو انتهائي گهٽ آهي، ڀارت بجلي جي وڌيڪ پيداوار ڪوئلي مان حاصل ڪري رهيو آهي، موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن جا سنگين نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پاڪستان هن وقت تائين ان حوالي سان جيڪي به قسم کنيا آهن انهن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي. اسان جي خطي ۾ سياسي اختلافن جي ڪري اوپار به گهٽ آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان به اسان هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهيون. اسان جي خواهش آهي ته اسان ڀارتي حڪومت سان منطق سان ڳالهيون ڪري پنهنجي مسئلن جو حل ڪڍي سگهون. وزيراعظم چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪشمير آهي، ڪشمير جو مسئلو بندوق ۽ بم سان نه ڳالهين سان حل ٿيندو، ڀارت بندوق جي زور، طاقت جي استعمال ۽ ظلم جي ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان ۾ هو ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو، وڏي آبادي جي خلاف ڪو به کٽي نٿو سگهي جيڪڏهن اهڙي طرح ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا کي افغانستان ۾ ڪاميابي حاصل ٿي وڃي ها ڇو ته آمريڪا کان وڌيڪ ڪنهن وٽ طاقتور فوج نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت ۾ هڪ اهڙي حڪومت ايندي جنهن سان اسان ويهي ڳالهين جي ذريعي ڪشمير جو مسئلو حل ڪريون. وزيراعظم چيو ته لاهور ۾ تمام گهڻي آلودگي آهي پر دهلي کان وٺي پنجاب تائين پورو علائقو آلودگي جي لپيٽ ۾ آهي، جيستائين ٻئي ملڪ گڏجي قدم نه کڻندا آلودگي تي ضابطو نٿو آڻي سگهجي، وزيراعظم چيو ته اسان کي هن وقت تحقيق ۽ ٿنڪ ٽينڪ جي گهڻي ضرورت آهي، اسان جي يونيورسٽين ۾ تحقيق تي وڌيڪ ڪم ٿيڻ گهرجي. سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو وڏو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي صلاحيتن مان به فائدو کڻڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ملڪ مان اهڙو بيانو ٻاهر وڃي جيڪو اسان جي قوم جي نمائندگي ڪري،
وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز وانگر ٿنڪ ٽينڪس جي وڌيڪ ضرورت آهي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ اعليٰ معيار جي منصوبابندي ڪميشن تحت ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اقتصادي ترقي ٿي ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن پاڪستان کي پنهنجي لاءِ رول ماڊل سمجهندا هئا پر ان کانپوءِ ان ڏس ۾ اسان جي صلاحيت گهٽ ٿيندي ويندي، ٻاهر کي آئيڊياز کي اختيار ڪيو ويو جڏهن ته مقامي سطح تي ٿنڪ ٽينڪس تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ جڏهن ملڪ ۾ ٿنڪ ٽينڪس ئي نه هجي ته پوءِ ٻاهرين رجحانن جو اسير بڻجي ويندا آهن، ان کانپوءِ ميڊيا کي به آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، تحقيق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، تحقيق کانپوءِ پنهنجو موقف دنيا جي سامهون ميڊيا جي ذريعي موثر طريقي سان اجاگر ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ماڻهو معاملن کان آگاهي کانسواءِ تبصرا ڪندا رهندا آهن، ان سان عوام به گمراهه ٿيندي آهي ۽ ملڪ ۾ يڪجهتي جي فضا قائم ناهي ٿيندي ۽ اهو به پتو ناهي پوندو ته قومي مفاد ڪهڙو آهي، اميد آهي ته غير ملڪي اسڪالرز جي اچڻ ۽ ان حوالي سان پيش ڪيل تجويزن سان پنهنجو پاڻ کي بهتر انداز ۾ دنيا جي سامهون پيش ڪري سگهنداسين. هن چيو ته دنيا اسان جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري ان بدران اسان کي پنهنجي موقف کي واضح ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا ۾ ٿنڪ ٽينڪس پاڪستان تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي جيتوڻيڪ کين نه ته حقيقتن ۽ نه ئي اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جو ڪو علم هو، هو ڪنهن کي انتهاپسند ۽ ڪنهن کي بنياد پرست قرار ڏيندا آهن ۽ ڪڏهن اسلامي بم جي ڳالهه ڪندا آهن اهو صرف ۽ صرف اسان جي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا آهي، هڪ طبقو اهو آهي جيڪو اهو سمجهي ٿو ته اولهه مان جيڪو به ايندو آهي اهو سڀ ٺيڪ آهي ۽ ٻيو طبقو اهو آهي جيڪو اولهه مان ايندڙ هر شيءَ کي رد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهو ان جي ڪري ٿيندو آهي ته اسان پنهنجي حقيقي سوچ کي پرواڻ ناهي چاڙهيو ۽ مختلف موقف اختيار ڪندا رهياسين،
وزيراعظم چيو ته ٻاهر ويهي ڪجهه ماڻهو اهو چوندا آهن ته پاڪستان سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ملڪ آهي، وزيراعظم چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اسان هڪ سوچيل سمجهيل موقف دنيا جي سامهون پيش ڪريون، پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ٿيو آهي ۽ اسلام جي حقيقت ڇا آهي ان کي دنيا جي سامهون صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسان کي ٿينڪ ٽينڪس جي ضرورت آهي. موجوده حڪومت رحمت اللعالمين ﷺاٿارٽي قائم ڪئي جنهن تحت اسلام لاءِ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، جيڪو جنگين سان مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان کي تاريخ جو پتو ناهي هوندو ان جا انداز غلط ٿي ويندا آهن، جنگين سان مسئلا حل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ پنهنجي هٿيارن جي ڪري تڪبر ۾ مبتلا ٿيندا آهن، اهي انسانيت جو ناهن سوچيندا، افغانستان ۽ اسان جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، افغانستان ۾ جنگ جي ڪري مشڪلاتن جو سڀني جي سامهون آهن، آخري گهڙي تائين پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته مسئلا ڳالهين جي ذريعي حل ٿين، افتتاحي سيشن کي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به خطاب ڪيو.