GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

اسان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP20-030122 FAISALABAD: January 03 – Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain along with Minister of State for Information and Broadcasting, Farrukh Habib addressing to Media persons at residence of Umar Nazar Shah. APP photo by Tasawar Abbas

فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف خاندان وٽ لنڊن جي جائيدادن جا ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، اسان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، هو پاڪستان واپس اچي ۽ پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏئي، مخالف ڌر هڪ هفتو فوج، ٻي هفتي عدليه جي خلاف هوندي آهي، اها ئي انهن جي سياسيت آهي، فرقيواريت تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل لاءِ درست نه آهي، ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان جي قيادت مخالف ڌر لاءِ وڏي بدنصيبي آهي، اليڪشن هارائي ته مولانا فضل الرحمان چوندو ته ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو کٽي وڃن ته اليڪشن شفاف ٿيا آهن، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، سندن ناڪامي سان نقصا پاڪستان جو ٿيندو، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ملڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ايئن هرگز نه ٿيندو، اسان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب تي عمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو، اسان احتساب کان پوئتي نٿا هٽي سگهون، 2022ع ۾ مقامي حڪومتن جي اليڪشن جو سال آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو جي زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، عالمي منڊي ۾ ڪموڊيٽي ۽ انرجي پرائسز گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ان جو سڌو سنئون فائدو عوام کي پهچندو. هن چيو ته پاڪستان استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ مڪمل سياسي ۽ معاشي استحڪام آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، انشاءُ الله جنوري جي وچ ڌاري فنانس (ترميمي) بل به منظور ٿي ويندو. ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته تيل، گيهه ۽ دالين جي هتي پيداوار ناهي ٿيندي، انهن جون قيمتون اسان طئي نٿا ڪريون، اسان صرف انهن شين جي قيمتن جو تعين ڪري سگهون ٿا جيڪي پاڪستان جي اندر پيدا ٿينديون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي اندر پيدا ٿيندڙ شين جون قيمتون هن وقت هن پوري خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، ٻاهرين دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به اضافو ٿيندو، قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جي حڪومت جي پهرين سال ئي مارچ جي لاءِ اچي ويو هو، 23 مارچ اڃان پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو ۽ جيڪڏهن اچي به وڃي ته اسان کي ان سان ڪو به مسئلو نه آهي، هن چيو ته اسان کي نئين سال ۾ تلخين کي گهٽ ڪرڻ گهرجن، وڏيون سياسي پارٽيون وڏن معاملن تي هڪ ٻي سان گڏجي ويهن ۽ سڌارن تي ڳالهيون ڪن، هن چيو ته سمورين وڏين سياسي پارٽين کي هڪ ڳالهه جو پتو هجڻ گهرجي ته انهن جي ناڪامي سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي اندر ويڙهه ۽ جهيڙي جو عام ماڻهو جي نظر ۾ منفي تاثر قائم ٿيندو آهي جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هو بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ائين هرگز نه ٿيندو. عمران خان پهرين به واضح ڪري چڪو آهي ته اسان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب جو عمل مڪمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان تي تنقيد به ڪئي ويندي آهي ته اسان زرداري ۽ نواز شريف کان ڦُريل رقم وطن واپس نٿا آڻي سگهون، وڏو پئسو واپس به آيو پر مرڪزي جوابدار ملڪ کان ٻاهر آهن، عام ماڻهو ان پراسيس مان مطئمن نه آهي، هن چيو ته اهو چوڻ ته اسان احتساب جي عمل تان پوئٽي هٽي وڃون تڏهن ئي مخالف ڌر ڪا ڳالهه ڪندي ته اهو رويو غير مناسب آهي. هن چيو ته اسان کي چونڊ، معاشي ۽ جڊيشل ريفارمز جي ضرورت آهي، وڏين سياسي پارٽين کي گهرجي ته هو گڏجي ويهي وڏن مسئلن تي ڳالهيون ڪن. هن چيو ته اليڪٽورل ريفارمز تي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اهڙا سڌارا آهن جنهن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر متفق آهن. نيب چيئرمين جي مقرري ۽ احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ اپوزيشن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي چونڊ سڌارن، احتساب ۽ عدليه جي سڌارن تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن معاملن کي اهي پنهنجي ڪيسن سان جوڙيندا ته اهو قبول نه هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سياستدانن کي عوام کي اميد ڏيڻ گهرجي ته پارليامينٽ عوام جي مسئلن جي حل جو ادارو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ طوفان بدتميزي برپا رهندي ته ماڻهن جون اميدون پارليامينٽ سان لاڳاپيل نه رهنديون. اسان کي سنجيدگي سان معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون مخالف ڌر پهرين سال ئي شروع ڪري ڇڏيون هيون پر اها ڪجهه نه ڪري سگهي. آگسٽ کانپوءِ حڪومت جو آخري سال شروع ٿي ويندو، ان کان پهرين مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿينديون، مخالف ڌر اليڪشن وڙهڻ جو شوق مقامي حڪومتن جي چونڊن ۾ حصو وٺي پورو ڪري وٺي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف چونڊون ٿيون، هارائڻ ۽ کٽڻ وارن ٻنهي چونڊن جي شفافيت کي تسليم ڪيو، هن چيو ته عمران خان غير جانبداري تي يقين رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪڏهن به شفافيت تي ٺاهه نه ڪيو. اسان صاف شفاف چونڊن جي لاءِ نظام جوڙڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 2022ع بلدياتي اليڪشن جو سال آهي، انشاءُ الله پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون به صاف ۽ شفاف ٿينديون. عوام جي چونڊ تي ڀرپور اعتماد هوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي 800 کان وڌيڪ سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري نٿي سگهي. ن ليگ سينٽر پنجاب ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جون پارٽيون آهن، ڪي پي اليڪشن ۾ اهو تجزيو گهڻو ٿيو ته پي ٽي آءِ پشاور جو اليڪشن هاري وئي پر اهو تجزيو نه ٿيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ ته پنهنجا اميدوار ئي بيهاري نه سگهيون. هن چيو ته فرقيواريت تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ درست نه آهي، ان جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، پيپلزپارٽي سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ کان محروم رکيو آهي، جيڪو سنڌ جي عوام سان تمام وڏي زيادتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته ان سان سندس سياست متاثر ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي سياست، پرڏيهي پاليسي، معيشت تي اسان سڀ متحد آهيون ۽ ان موجب اڳتي هلنداسين. هڪ سوال تي هن چيوته مولانا فضل الرحمان اليڪشن هارائي وڃي ته چوندو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي وڃي ته اليڪشن شفاف ٿيون آهن، مولانا فضل الرحمان جي مخالف ڌر جي قيادت ڪرڻ ڪيترين ئي مخالف ڌر جي وڏي بدنصيبي آهي.هڪ سوال تي هن چيو ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ گهرجي، هتي ان تي ڪيس آهن، هو پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. اسان جو ان سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، شريف فيملي جي لنڊن ۾ اربين روپين جون جائيدادون آهن، ان وٽ ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، جن اپارٽمينٽس ۾ نواز شريف رهي پيو ان جو پئسو ڪٿان کان آيو، انهن وٽ ڪو به جواب نه آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فصل الرحمان پهرين به مارچ لاءِ آيو هو ۽ واپس هليو ويو، 23 مارچ گهڻو پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو، جيڪڏهن اچي به وڃي ته اسان کي ڪو به مسئلو نه آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته شهباز شريف بيان حلفي جمع ڪرايو هو ته هو نواز شريف کي واپس گهرائيندو، اٽارني جنرل آفيس ان معاملي کي ڏسندي، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر هڪ هفتو فوج جي مخالف هوندي آهي، ٻي هفتي عدليه جي خلاف، اها ئي انهن جي سياست آهي.

مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج