اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪ??انڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 450 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 ماڻهو فو?? ٿيا جڏهن ته 9 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري فو?? ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 24 هزار 231 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 426، پنجاب ۾ 8 هزار 461،خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 695، اسلام آباد ۾ 2 هزار 803، بلوچستان ۾ 444، گلگت بلتستان ۾ 287، آزاد ڪشمير ۾ 115 ٽيسٽ شامل ڪ??ا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??داد 2 لک 78 هزار 425 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي.