اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، انهن قدمن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قدمن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ??ه جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ اهي ??ڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان حوالي ??ان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ??مران خان چ??و ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي حوالي ??ان شفا??يت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چ??و ته حڪومت انهن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪري شفا??يت جي حوالي ??ان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي ??هي. نئين لائونچ ڪيل پي ايم ويب سائٽ بابت هن چ??و ته ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪ??و ته احساس پروگرام ۾ به شفا??يت کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم ??مران خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي ??ان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چ??و ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.