اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ غلطيون ڪري جنگين ج?? حصو بڻياسين ۽ وڏو نقصان کنيو، پاڪستان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو، ا??ان امن ڪرائيندڙ ملڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪرائڻ جي ڪوشش ??نداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران ج?? دوستي ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون ج??گ ڪو به کٽي نٿو سگهي، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ تعليم ۽ هنر فراهم ڪنداسين ج??هن سان هو ملڪ کي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن ج?? ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان سڄي مسلمان دنيا لاءِ مثال بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ حصو بڻجي تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي پاڪستان ڪنهن ج?? جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ملڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن ج?? اندر امن پيدا ڪندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن هنرمند پاڪستان پروگرام جي باقاعده آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو