اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آ??ي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ شروع ٿي وئي آ??ي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪ??رن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آ??ي، ايندڙ مرحلي ۾ اسان کي پنهنجي نوجوانن کي روزگار ڏيڻو آ??ي، چين سان ڪڏهن به ايترا بهتر لاڳاپا نه هئا جيترا هاڻي آهن، گ??يل منصوبن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. ميسرز ايم ايس ڊي ٽائر اينڊ رٻر ڪمپني، ميسرز ڊبل اسٽار چائنا ۽ ڊائيوو پاڪستان ايڪسپريس بس سروس جي وچ ۾ پاڪستان جي ٽائرن جي تياري جي ٽه ڌريي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.