اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ??سٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قي??دت ۽ ڀائر عوام جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سعودي عرب جي مدد سان پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام پاران هو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قي??دت ۽ ڀائر عوام جو ٿورائتو آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ مالياتي مدد يقيني بڻائڻ تي آئُون خاص طور تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد ۽ وز??را??ظم شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان. وز??را??ظم چيو ته سعودي عرب پاران ان مدد سان پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. وز??را??ظم چيو ته سعودي عرب پاران معاونت جي فراهمي سان پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. وز??را??ظم چيو ته اسان پاڪستاني معيشت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن تي پرعزم آهيون. وز??را??ظم ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف ??نرل عاصم منير جا به ٿورا مڃيا ۽ انهن جي ڪردار کي به ساراهيو آهي.