GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن: وزيراعظم عمران خان

image

بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون قابل تحسين آهي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. وزيراعظم چين جي دوري دوران چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ سان ورچوئل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين جي سياسي مشاورتي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به موجود هو. ملاقات ۾ سي پيڪ جي جاري منصوبن ۽ مستقبل جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا جڏهن ته هي لي پنگ سان گڏ وائيس چيئرمين ننگ جيزي ۽ تانگ ڊينگ جي، اين ڊي آر سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل تزويراتي حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻنهي ملڪن جي تعاون جي ڪري سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري رهيو. وزيراعظم چيو ته چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون واکاڻ جوڳو آهي. سي پيڪ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) منصوبي جو هڪ اهم جز آهي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيڻ جي منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. سي پيڪ منصوبن ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي جو ٺوس بنياد رکيو آهي ۽ انهن منصوبن پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جي اسٽريٽجڪ اهميت ٻنهي ملڪن لاءِ آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ٻئي ڌريون گوادر کي خطي جو معاشي مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون، ايم ايل ون ۽ ٻين اهم توانائي منصوبن کي ترجيح بنيادن جي طور تي ورتو ويندو، ان موقعي تي چين جي قومي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ چيو ته چين سي پيڪ منصوبن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل 7 سالن ۾ چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به مجموعي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، هن چيو ته اين ڊي آر سي ۽ سمورن لاڳاپيل چيني ادارا سي پيڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چيني، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي پاسن ۾ نوان گرين، ڊجيٽل، صحت، واپار ۽ صنعتي راهدارين جو فيصلو ڪيو هو جنهن سان انهن شعبن ۾ شعباجاتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جو ٿورو ادا ڪندي اين ڊي آر سي جي چيئرمين صنعت، زرعي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد جي لاءِ چين جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران بنهي ڌرين سيڙپڪاري بورڊ ۽ اين ڊي آر سي جي وچ ۾ صنعتي تعاون جي فريم ورڪ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي جيڪا چين جي صنعتي ڌرين کي سي پيڪ، خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي ايندي، ٻنهي ڌرين گوادر تي 16 هين جوانٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جي منٽس تي صحيحون ڪيون، پاڪستان پاران منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ چين پاران اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ننگ جينزي صحيحون ڪيون.

مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ